احمد نگر مهاراشٽر انڊيا

احمد نگر مهاراشٽر انڊيا

احمد نگر

احمد نگر: هندستان جي مهاراشٽر رياست جو هڪ شهر، شاهي گهراڻي جي باني ملڪ احمد نظام شاهه هن شهر تي 1490ع ۾ قبضو ڪيو. ان کان پوءِ هيءُ شهر مغلن، مرهٽن ۽ انگريزن جي قبضي هيٺ رهيو. هن شهر جي تاريخي جاين مان هڪ احمد نظام شاهه جو قلعو آهي، جنهن ۾ 1940ع واري ڏهاڪي دوران جواهر لال نهروءَ کي قيد ڪيو ويو هو. مولانا ابوالڪلام به احمد نگر جيل ۾ قيد رهيو هو. هن شهر جا مغل محل ۽ باغ به مشهور آهن. هيءُ شهر بمبئيءَ، پوني ۽ ٻين اهم شهرن سان ريل ۽ روڊ رستي ڳنڍيل آهي ۽ وڏو واپاري مرڪز آهي.

wikipedia
http://en.wikipedia.org/wiki/Ahmednagar


لفظ احمد نگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1490.00.00  عيسوي

احمد نگر: هندستان جي مهاراشٽر رياست جو هڪ شهر ، شاهي گهراڻي جي باني ملڪ احمد نظام شاهه هن شهر تي 1490ع ۾ قبضو ڪيو .



شهر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد آباد (انڊيا)
شال
حيدرآباد دکن
ديوبند
اسلام آباد1
بنگلور
پنو عاقل
ڳڙهي ياسين شھر
باقراڻي
پاڻيپٽ
شهر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون